سيد اصغر علي شاهه عاجز

سيد اصغر علي شاهه عاجز

سيد اصغر علي شاهه عاجز

سيد اصغر علي شاهه ’عاجز‘ : شاعر ۽ ليکڪ سيد اصغر علي شاهه ولد سيد عطاءُ الرحمٰن شاهه، 5 جنوري 1969ع تي تعلقي لکي، ضلعي شڪارپور جي ڳوٺ ٽنڊي علي شير شاهه ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل پني عاقل تعلقي جي ڳوٺ پنهواريءَ جا آهن. هن ايم. اي (سنڌي ادب) پهرين پوزيشن سان پاس ڪئي. عملي زندگيءَ ۾ استاد طور 1990ع کان 2001ع تائين مهراڻ ماڊل اسڪول پني عاقل ۾ پڙهايو، ان بعد ڪجھه سال گونمينٽ هاءِ اسڪول پني عاقل ۾ جي. ايس. ٽي (JST) ٿي رهيو. 2006ع ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ هن وقت پير جي ڳوٺ ڪاليج ۾ ذميواريون سر انجام ڏئي رهيو آهي. سيد اصغر علي شاهه 1990ع کان ادبي کيتر ۾ مضمون نگاريءَ ۽ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هن جي شايع ٿيل ڪتابن تي ڊاڪٽر تنوير عباسي، ملڪ نديم، ادل سومري، اياز گل ۽ ٻين جا رايا لکيل آهن.
سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) ’مون جي موتي ميڙيا‘
(شاعري ۽ نثري ٽڪرا)، (2) ’آءُ ته ٻاريون لاٽ‘ (شاعري)، (3) ’گولڊن فلاورس‘ (انگريزيءَ ۾ شاعري)، (4) ’جي مون کان سچ پڇو‘ (مضمون ۽ نثري ٽڪرا)، (5) ’فرقي پرست ڪفر جا گاڏا‘ (مضمون ۽ شاعري).


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.01.05  عيسوي

شاعر ۽ ليکڪ سيد اصغر علي شاهه ولد سيد عطاءُ الرحمٰن شاهه، 5 جنوري 1969ع تي تعلقي لکي، ضلعي شڪارپور جي ڳوٺ ٽنڊي علي شير شاهه ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اصغر سائين
ٺاڪرداس ڀاونداس تولاڻي ٺاڪر
حافظ محمد عبدالله ٽکڙائي بسمل
رفيق امروٽي
سلطان بخاري
غلام مصطفي سولنگي 1
لطف سيال
الهه رکيو سانگي
بيبي حوا ٻائي
خليفو غلام نبي لغاري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون